ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) جي ڪارروائي ۾ ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار مارجي ويا آهن. سي ٽي ڊي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ قاسم رشيد ۽ عثمان جي نالي سان ڪئي وئي، دهشتگردن هلندڙ سال ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا کي ڪريم آباد ۾ شهيد ڪيو هو. ڊي ايس پي سي ٽي ڊي راجا عمر صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته علي رضا جي ريڪي ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي نشاندهي تي شير شاهه تي ڇاپو هنيو ويو جتي شهيد ڊي ايس پي تي فائرنگ ڪندڙ 2 دهشتگرد مقابلي ۾ مارجي ويا. هن ٻڌايو ته جوابدارن تي 35 ڪيس داخل هئا جن مان 25 قتل جا ڪيس آهن. مارجي ويل جوابدارن جو تعلق لشڪر جهنگوي سان جو جيڪي هاڻ تحريڪ طالبان ۾ شامل ٿيا هئا. مارجي ويل دهشتگردن جي گرفتاري ۾ مدد ڪندڙن جي لاءِ 50 لک انعام جو اعلان ڪيو ويو هو. ياد رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن حمله آورن ڊي ايس پي علي رضا جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ علي رضا ۽ ان جو محافظ سخت زخمي ٿي پيا هئا. ٻنهي کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻئي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا هئا.