ڪراچي (ويب ڊيسڪ): عوامي ڪالوني ٿاڻي جي پوليس ڪورنگي ۾ فوٽ پاٿ تي ستل هڪ شخص جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي ڪجهه ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار دوران جاچ قتل جو اعتراف ڪندي واقعي جا تفصيل به بيان ڪيا آهن.
پوليس اختيارين موجب سومر جي صبح ڪورنگي سنگر چورنگي ڀرسان فوٽ پاٿ تان تشدد ٿيل هڪ لاش هٿ آيو هو، جنهن جي سڃاڻپ رفيق نالي شخص طور ٿي. واقعي کان پوءِ پوليس جاچ شروع ڪئي ۽ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان مرڪزي جوابدار اسماعيل کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو سنگر چورنگي واري علائقي مان گذري رهيو هو، جتي هن رفيق کي فوٽ پاٿ تي ستل ڏٺو. جوابدار جي بيان مطابق هن ستل شخص تي سرن سان حملو ڪيو ۽ بار بار وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي بعد پوليس مقتول جي ڀاءُ هاشم جي فرياد تي قتل جا قلم لاڳو ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
مقتول جي ڀاءُ هاشم ٻڌايو ته رفيق ذهني طور ڪمزور هو ۽ سخت گرمي سبب اڪثر گهر کان ٻاهر نڪري فوٽ پاٿ تي سمهندو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف پهلوئن جو به جائزو ورتو پيو وڃي.