ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن گروهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 3 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو پوليس چيو آهي ته واقعو زميني تڪرار تان پيش آيو آهي پر ايم ڪيو ايم الزام هنيو آهي ته سندن ڪارڪنن کي پ پ جي هٿياربندن نشانو بڻايو ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 55 سالن جو سراج ۽ عبدل عرف عبدو شامل آهن، متاثر بنگالي هئا، بنگالي ۽ پختونن وچ ۾ دشمني تان جهيڙو ٿيو فائرنگ جو مک جوابدار نثار پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ گلزار آهن جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڊي آءِ جي فائرنگ پٺيان ڪنهن به سياسي محرڪ کي رد ڪيو ۽ چيو ته جوابدارن جو تڪرار پنج کان ڇهه سالن کان هلي رهيو هو ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر انيس قائم خاني پوليس جي دعويٰ رد ڪئي ۽ چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن سندن پارٽي جي چونڊ مهم ۾ مصروف ڪارڪنن کي گولين جو نشانو بڻايو.