ڪراچي : نٽي جيٽي پل تي ٽريڪٽر ٽريلر جي زد ۾ اچي موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا جابحق ٿي ويا.

تفصيلن مطابق ڪراچي ۾ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، جتي نٽي جيٽي پل تي ٽريڪٽر ٽريلر جي زد ۾ اچي موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا جابحق ۽ ٻه زخمي ٿي ويا، جابحق ٿيل ڄڻن ۾ هڪ ٻار پڻ شامل آهي. حادثي کانپوءِ ڊرائيور موقعو ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس موجب ٽريلر جي اندر کان بئير ۽ شراب جون بوتلون برآمد ٿيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته لگي ٿو ٽريلر جو ڊرائيور نشي ۾ هو، جڏهن ته فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي. عيني شاهدن ٻڌايو ته 2 موٽرسائيڪلن تي 8 ڄڻا سوار هئا ۽ سي ويئو کان اچي رهيا هئا، تہ هڪ موٽرسائيڪل ٻي موٽرسائيڪل کي ٽڪر ماريو، جنهن کان پوءِ موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي ۽ پوء پويان ايندڙ ٽريلر ان کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. عيني شاهد چيو ته اسين سڀ ڪزن آهيون ۽ ماڙي پور مچھر ڪالوني جا رهواسي آهيون.