سنڌ : جي نگرن حڪومت شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحافين جا مطالبا مڃي ورتا آهن شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين طرفان ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان صحافي شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صحافين پريس ڪلب آڏو صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي وئي صوبائي نگران گهرو وزير رٽائرڊ بريگيڊيئر حارث نواز احتجاج ڪندڙ صحافين جي نمائندن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون صوبائي وزير شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي ڇڏي آهي ڳالهين دوران شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪيس سي ٽي ڊي سکر منتقل ڪرڻ وارو مطالبو پڻ منظور ڪيو ويو. جڏهن ته صحافين طرفان ڪيل ملاقات ۾ شهيد جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر پڻ موجود هو.