ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي

ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي نيپرا ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ هڪ رپيو 52 پئسا يونٽ سر چارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي نيپرا پڌرائي موجب، وفاقي حڪومت جي درخواست تي نيپرا واڌو سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏني پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي واڌو سرچارج ڊسمبر 2023ع کان نومبر 2024ع تائين لاڳو رهندو، اضافي سرچارج سبب ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي 24 ارب 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو واڌو ٻوجهه پوندو پڌرائي موجب، نيپرا منظوري کانپوءِ فيصلو وفاقي سرڪار ڏانهن اماڻيو ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سر چارج لاڳو ڪرڻ جو حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي لائيف لائين صارفين تي لاڳو نه هوندا