ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان ڪراچي پهچي ويو آهي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينه ميمبرن کي آڻيندڙ خصوصي جهاز فيصل بيس تي لينڊ ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جي انتظام هيٺ اٺين جاري امن مشق جو جائزو وٺندو جتي هو تقريب کي به خطاب ڪندو ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينه جي اجلاس جي صدارت به ڪندو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن بجلي جي بريڪ ڊائون بابت پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. اجلاس ۾ ملڪي، سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن جو جائزو به ورتو ويندو