تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي منگھوپير ۾ جامعه همدرد جي هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو آهي هاسٽل انچارج ٻڌايو ته مارجي ويل شاگرد جي سڃاڻپ 20 ورهين جي عمر مارڪ جي نالي سان ٿي آهي، مقتول ڪمپيوٽر سائنس جي ٽئين سال جو شاگرد هو ۽ سندس تعلق شهدادڪوٽ سان هو پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن جي ابتدائي ڄاڻ موجب فوتي جو موت فطري لڳي ٿو، پر ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، موت جو حتمي سبب معلوم ٿيندو. پوسٽ مارٽم کان پوء هاسٽل انچارج عابد حسين ٻڌايو ته واقعو سبحان نالي شاگرد ٻڌايو هو، مقتول جامعه همدرد ۾ ڪمپيوٽر سائنس پڙهندو هو وارثن جو چوڻ هو ته امر ڪمار هاسٽل جي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو، هو 3 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، مقتول اڳ ۾ باسط ۽ ذيشان سان گڏ هاسٽل جي ڪمري ۾ رهندو هو راجڪمار جو وڌيڪ چوڻ هو ته امر ڪمار 2 مهينن کان هاسٽل جي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو، ڊاڪٽر جي شروعاتي جاچ موجب هو طبي لحاظ کان فوت ٿي چڪو هو.