ڪراچي: ٽريفڪ حادثن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ڊمپرن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ڏينهن جي وقت ڪراچي ۾ ڊمپرن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي حڪمن تحت ڊمپرن کي صرف رات جو 11 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين ڪراچي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. صوبائي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ هلندڙ سمورين وڏين گاڏين ۽ انهن جي ڊرائيورن جي فزيڪل ويريفڪيشن جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي  صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هلندڙ سمورين  گاڏين کي ٽرانسپورٽ کاتي کان ڪيو آر ڪوڊ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندو. سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ کي 3 مهينن جي اندر آپريشن رات جي وقت منتقل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.