ڪراچي: پسند جي شادي ڪندڙ نئين پرڻيل جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار، مقتولا جو ڀاءُ هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي ملير سعود آباد پوليس وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي پسند جي شادي ڪندڙ نئين پرڻيل جوڙي جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار کي واردات کان صرف 15 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري ورتو آهي۔

پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار ساجد مقتولا جو سڳو ڀاءُ آهي، جنهن گذريل ڏينهن ملير سعود آباد ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي۔

جوابدار پنهنجي ابتدائي بيان ۾ ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي مڱڻي اڳ ۾ “گوپانگ” نالي شخص سان ساڍا ٽي لک رپين عيوض طئي ٿي هئي، پر بعد ۾ هن پنهنجي مرضي سان ٻي جاءِ تي شادي ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ گوپانگ پنهنجي ڏنل رقم واپس گهرڻ شروع ڪئي۔

ساجد موجب عيد کانپوءِ گوپانگ جي شادي ٿيڻ واري هئي ۽ رقم واپس نه ملڻ تي هن شرط رکي ته يا ته ڀيڻ کي قتل ڪيو وڃي يا رقم واپس ڪئي وڃي۔ جوابدار دعويٰ ڪئي ته گوپانگ جي سخت دٻاءَ سبب هن اهو انتهائي قدم کنيو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جوڙي کي ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن اهي عدالت مان حيدرآباد ويندي ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئا۔ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪار تي فائرنگ جا منظر به رڪارڊ ٿيا آهن، جڏهن ته ڊرائيور ۽ ساڻس گڏ موجود هڪ ٻيو شخص جان بچائڻ لاءِ ڊوڙندو نظر اچي ٿو۔

پوليس موجب واقعي وقت موٽر سائيڪل هلائيندڙ شخص گوپانگ هو، جيڪو هن وقت فرار آهي۔ سندس گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔