ڪراچي: سي ٽي ڊي جاچ کاتي پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار سميت لياري گينگ وار جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو تفصيل موجب ڪراچي ۾ اي ٽي ڊي جاچ کاتي پراڻي گوليمار عبدالله گرگنج ڳوٺ تي ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو وليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار سميت 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ڊي ايس پي سي ٽي ڊي چوڌري صفدر ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ عبدالقادر عرف ڊي جي ۽ شاهزيب عرف تنگيالوشمل شامل آهن جن جو تعلق لياري گينگ وارهجي رياست گروپ سان آهي چوڌري صفدر چيو ته عبدالقادر عرف ڊي جي پوليس آفيسر فاروق کي 2019ع ۾ قتل ڪيو، جاچ کاتي فاروق قتل ڪيس ۾ اڳ ئي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو آهي گرفتار جوابدار منشيات جي خريد و فروخت جو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مفرور آهن، جوابدارن جي قبضي مان نائن ايم ايم ۽ 30 بور پستول هٿ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ انڪشافن جو امڪان آهي