ڪراچي پوليس گم ٿيل 5 ڇوڪرين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، گم ٿيل ڇوڪريون سعيدآباد ۾ واقع هڪ گهر مان پراسرار طور غائب ٿي ويون هيون ڊي آءِ جي سائوٿ موجب 15 فيبروري تي ڇوڪرين جي اغوا جو ڪيس والد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. گم ٿيل ڇوڪرين کي ناظم آباد جي علائقي کنڊو ڳوٺ مان بازياب ڪرايو ويو. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته بازياب ٿيل 3 ڇوڪريون سڳيون ڀينرون ۽ 2 انهن جون سئوٽ آهن. بازياب ٿيل ڇوڪرين جون عمرون 15 کان 19 سال جي وچ ۾ آهن جيڪي پنهنجي مرضي سان گهر ڇڏي ويون هيون. بازياب ٿيلن ۾ 19 ورهين جي آسيه، 17 ورهين جي مريم، 15 ورهين جي خديجه، 19 ورهين جي صغريٰ ۽ 14 ورهين جي ڪبريٰ شامل آهن ايس ايس پي ڪياماڙي ٻڌايو ته پنج ئي ڇوڪريون ناظم آباد ۾ قائم ٿيل ڌاڳي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. عدالتي حڪمن تي ڇوڪرين کي دارالامان يا شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويندو.پنج ئي ڇوڪريون کنڊو ڳوٺ ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهي رهيون هيون. ڇوڪريون گهريلو جهيڙي کان تنگ اچي گهر مان فرار ٿي ويون هيون پوليس موجب ڇوڪرين جو اباڻو علائقو سرگودها آهي. جڏهن ته ڌاڳو تيار ڪندڙ فيڪٽري جي مالڪ ۽ ٺيڪيدار کي به چائلڊ ليبر ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.