ڪراچي پوليس ڌاڙيلن جيان ڪارروايون ڪرڻ لڳي، واپاري کي اغوا ڪري سندن وارثن کان 29 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو ويو، ڪارروائي دوران 3 پوليس اهلڪار سوگها ٿي ويا ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر پوليس اهلڪار رفيق ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي مقرر سپاهي يونس ۽ سندن مخبر ساٿي سرفراز هيسباڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي ٻڌايو ته جوابدارن واپاري مرزا احتشام بيگ کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ سندن وارثن سان فون تي رابطو ڪندي کين ٻڌايو ته اسان جو تعلق ڳجهي ايجنسي سان آهي. جنهن کان پوءِ هنن واپاري جي خاندان کان 29 لک روپيه ڀنگ گهريو. بعد ۾ هنن واپارين جي گهر ڀاتين کي ملير ڪينٽ ڀرسان گهرائي 19 لک روپيه وصول ڪرڻ بعد واپاري کي آزاد ڪري ڇڏيو ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان ڪار، هٿيار ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ تيزي سان وڌندڙ ڏوهه جي واقعن ۾ پوليس آفيسرن جي ملي ڀڳت تي ڳڻتي جو اطهار ڪيو پيو وڃي شهر ۾ ڦر جي ڪيترن ئي واقعن ۾ به پوليس اهلڪار ملوث ڏٺا ويا آهن. پوليس کاتي ۾ ڪاريون رڍيون به شامل ٿي ويون آهن جيڪي سسٽم تي بدنما داغ بڻجي ويون آهن.