پنڊي بهٽيان ايم فور ويجهو روڊ حادثي سبب بس ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 18 مسافر فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن حادثي بابت ڳالهائيندي ڊي پي او ڊاڪٽر فهد ٻڌايو ته 18 لاش ڪڍيا ويا آهن حادثي ۾ ڪوچ ۽ وين جا ڊرائيور به سڙي فوت ٿي ويا آهن. حادثي دوران 18 ڄڻا سڙي فوت جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن جن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي. زخمين مان ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ڊي پي او ڊاڪٽر فهد موجب فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ٿي سگهي ٿي زخمين کي پنڊي بهٽيان ۽ فيصل آباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڊي پي او وڌيڪ ٻڌايو ته وين ۾ ڊيزل جا ڊرم رکيل هئا جنهن سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو ذريعن ان حولي سان ٻڌايو آهي ته مسافر ڪوچ ۾ 35 کان 40 مسافر سوار هئا 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بچي ويل مسافرن ٻڌايو ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان اسلام آباد وڃي رهي هئي، اوچتو گاڏي سان ٽڪر کان پوءِ ڪوچ کي باهه وڪوڙي ورتو. مسافرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو ان کان اڳ ڊي ايس پي احسان ظفر حادثي ۾ فوت ٿيلن جي تصديق ڪندي چيو ته فيصل آباد موٽر وي تي پنڊي بهٽيان ويجهو پيش ايندڙ حادثي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته حادثي دوران وڌيڪ فوتگين جو پڻ امڪان آهي پوليس موجب صبح جو سوا 4 وڳي پڪ اپ وين ۽ مسافر بس جي ٽڪر ٿي جنهن کان پوءِ گاڏي ۾ باهه لڳي وئي. ٻئي گاڏيون مڪمل طور تي سڙي ويون آهن وين ڊيزل کڻي وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو هوڏانهن پنڊي بهٽيان اسپتال جي ايم ايس ٻڌايو آهي ته 11 ڄڻن جا لاش ۽ 15 زخمين کي پنڊي بهٽيان اسپتال آندو ويو آهي، 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.