ڪراچي کان حيدرآباد روڊ ذريعي مسافر جهاز جي منتقلي، موٽر وي تي جهاز ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا

ڪراچي کان حيدرآباد تائين مسافر جهاز جي زميني منتقلي شروع ٿي وئي آهي ۽ هي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن وڏي جهاز کي زمين تان منتقل ڪرڻ جو پهريون آپريشن آهي. جهاز جي منتقلي لاءِ خاص ٽرڪون ۽ ٽراليون استعمال ڪيون پيون وڃن.جنهن جهاز کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي. اهو هڪ ايئربس 310 آهي جيڪو هڪ اسڪريپ جهاز آهي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان تيار ڪيو ويو آهي.ڪراچي ايئرپورٽ تان ڪنٽينر ذريعي موٽر وي تي پهچايو ويو. ٽول پلازه تي زمين تي ويٺل وڏي مسافر جهاز کي ڏسي رهواسي ۽ مسافر حيران ٿي ويا ۽ سيلفي وٺڻ لاءِ گڏ ٿي ويا.ٻڌايو ويو آهي ته جهاز کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ موٽر وي پوليس کي اڳ ۾ ئي آگاهه ڪيو ويو آهي ته هو ٽرڪن ۽ ٽرالين ذريعي عام ٽريفڪ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ رفتار سان سفر ڪندا.جهاز کي حيدرآباد جي سول ايوي ايشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ رکيو ويندو، جتي ان کي تربيتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو.واضح رهي ته سعودي عرب ۾ ان کان اڳ به وڏا مسافر جهاز روڊ ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائيندا هئا ۽ اهو ڪارنامو به پاڪستاني ٽرڪ ڊرائيور جي مدد سان سرانجام ڏنو هو.