ڪراچي: ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي آن لائين منشيات فراهم ڪندڙ 7 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي پوليس هڪ وڏي ڪارروائي دوران ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي آن لائين منشيات فراهم ڪندڙ بين الاضلاعي گروهه جي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندن قبضي مان لکين رپين ماليت جي اعليٰ معيار جي منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي۔

تفصيل موجب فيروز آباد پوليس هل پارڪ ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروشي جي هڪ منظم نيٽ ورڪ جو پردو فاش ڪيو۔ ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ شڪيل، انيس، انصاف، سهيل، اسرار، اڪبر ۽ عارف جي نالن سان ٿي آهي۔

ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ موجب جوابدارن جي قبضي مان 16 ڪلوگرام کان وڌيڪ اعليٰ معيار جي چرس ۽ ٻيون منشيات هٿ ڪيون ويون آهن، جن جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي وڃي ٿي۔

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هي گروهه جديد آن لائين ذريعن وسيلي منشيات جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث هو ۽ خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجو هدف بڻائيندو هو۔

ابتدائي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته گرفتار گروهه شهر ۾ ڪروڙين رپين ماليت جي منشيات وڪرو ڪري چڪو آهي۔ پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن سندن سموري نيٽ ورڪ، سپلائرز ۽ ٻين سهولتڪارن تائين پهچي سگهجي۔

ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ اهڙن عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي هر صورت قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو۔