ڪراچي: گئس پائيپ لائين منصوبن کان پوءِ روڊن جي بحالي ۾ دير، ڪي سي سي آءِ جو وڏي وزير سنڌ کان فوري ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) پاران گيس پائيپ لائينن جي تنصيب، تبديلي ۽ اپ گريڊيشن کان پوءِ روڊن جي بروقت بحالي نه ٿيڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

بزنس مين گروپ جي چيئرمين زبير موتي والا ۽ ڪي سي سي آءِ جي صدر محمد ريحان حنيف وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه کي خط لکي ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ متاثر روڊن جي فوري مرمت جو مطالبو ڪيو آهي.واپاري اڳواڻن چيو ته گئس جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري قابلِ تعريف آهي، پر ناقص منصوبابندي ۽ کوٽائي کان پوءِ روڊن جي بحالي ۾ دير شهرين ۽ ڪاروباري برادري لاءِ وڏيون تڪليفون پيدا ڪري رهي آهي.سندن موجب خراب روڊن سبب ٽريفڪ جام، سفر جو وقت ۽ ٽرانسپورٽ خرچ وڌي رهيا آهن، گاڏين کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ شهرين جي حفاظت به خطري ۾ آهي. ان صورتحال سبب واپاري ۽ صنعتي سرگرميون، سامان جي ترسيل ۽ ڪاروباري عمل متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن جا ناڪاري اثر معيشت تي پڻ پئجي رهيا آهن