ڪراچي: گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي دوران 5 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي: ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش دوران پوليس جي مبينا مقابلي دوران 5 ڦورو مارجي ويا آهن پوليس موجب پوليس کي مددگار 115 تي اطلاع ملي هئي ته ڦورو نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 جي هڪ گهر ۾ ڦر جي لاءِ داخل ٿيا آهن. جوابدار لوهي گرل ڪٽي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڦر کان پوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس موقعي تي پهچي وئي. ان دوران پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران 5 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 2 فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب مارجي ويل ڦورو نارٿ ڪراچي ۾ مختلف ڏوهن ۾ ملوث هئا، جوابدارن جو گروهه گهرن ۾ وارداتون ڪندو هو ان حوالي سان ڳالهيون ڪندي گهر جي مالڪ سيد انوار ٻڌايو ته 5 ڦورو لوهي گرل کي ڪٽي گهر اندر داخل ٿيا جنهن کان پوءِ انهن گهر ڀاتين کي يرغمال بنايو ڦورن مون کي به تشدد جو نشانو بنايو. جنهن کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي اسان کي بچايو ان حوالي سان ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان موجب افغان ڦورن جو ٽولو هڪ گهر ۾ داخل ٿيو اطلاع ملندي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڦورو مارجي ويا. جڏهن ته 2 فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايس پي موجب مارجي ويل 5 ڦورن مان 3 ڄڻن جي پائنده خان، عبدالله ۽ عمران جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻن ڄڻن جي اڃان تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي