ڪراچي ۾ اڄ موسم ڪيئن رهندي؟

موسميات کاتي موجب شهر قائد جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 20.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ نمي جو تناسب 87 سيڪڙو آهي جڏهن ته هوائون اتر طرف کان 6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. ڪراچي دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ ڇهين نمبر تي: ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب شهر جي هوا جو معيار خطرناڪ آهي، جڏهن ته ڪراچي دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ ڇهين نمبر تي آهي. ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب ڪراچي جي هوا ۾ آلوده ذرات جو مقدار 188 پارٽيڪيوليٽ ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو آهي.