ڪراچي ۾ تڪ بندين جو فائدو ايم ڪيو ايم، نقصان پ پ کي ٿي سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ڪراچي ۾ آدمشماري کان پوءِ سيٽون وڌيون آهن جنهن جو فائدو ايم ڪيو ايم کي پهچي سگهي ٿو نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته اها قومي خوشقسمتي آهي ته سڀني جو آدمشماري تي اتفاق ٿيو سڀني کي خبر هئي ته آدمشماري کان پوءِ تڪ بنديون ٿيون آهن سياسي طور تي جيڪڏهن هاڻ ڪنهن کي ڪو به ٻيو نعرو وڌيڪ مناسب لڳي ٿو ته اهو لڳايو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي آدمشماري بابت خدشا هئا هاڻ فائدو به انهن پهچي رهيو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ سيٽون وڌڻ سان نقصان پ پ کي ٿيندو هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تڪ بندين سان ڪجهه ماڻهن کي فائدو ٿي رهيو آهي جنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي اهي چاهين ٿا ته تڪ بنديون ٿين جن کي نقصان ٿي رهيو آهي اهي چاهين ٿا ته هن وقت نه ٿين. آئين ۽ قانون جي گهرج آهي ته آدمشماري جي منظوري کان پوءِ هاڻ تڪ بنديون ٿيڻ گهرجن آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته قوم کي خبر آهي ته اسان وڏي ڪوشش ڪئي معاهدو دير جو شڪار به ٿيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون، منٿون به ڪيون اسان آءِ ايم ايف کي منٿون ڪيون ته شرطن کي نرم ڪيو وڃي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته وڏي مجبوري جي حالت ۾ اسان کي معاهدي جي شرطن جي توثيق ڪرڻي پئي. معاهدي جي توثيق نه ڪريون ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. اسان ملڪ کي وڏي خطري کان بچايو آهي راڻا ثناءُالله چيو ته نگران حڪومت کي چيو هو ته سياري ۾ بجلي جا بل گهٽ ٿي ويندا ان ڪري بل جون قسطون ڪيون وڃن. جنهن جو 15 هزار جو بل آهي اهو جيڪڏهن 15 هزار نٿو ڏئي سگهي ته ان کان 5 هزار ورتا وڃن. نگران حڪومت قابل ماڻهن تي ٻڌل آهي اميد آهي ته مشڪل صورتحال ۾ قوم کي ريليف ڏنو ويندو مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻاهر وڃڻ جي مون کي ڪابه خبر نه آهي حافظ حمدالله وٽ جيڪڏهن ڪا ڄاڻ آهي ته ان جي باري ۾ اهو بهتر ٻڌائي سگهي ٿو