ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ گهر ۾ ڦر کان پوءِ فرار ٿيندڙ ڦورن کي علائقي جي رهواسين گهيرو ڪري ورتو ان دوران هڪ شهري طرفان ڪيل فائرنگ سبب 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو شاهه لطيف ٽائون جي علائقي گلشن بينظير ۾ قائم هڪ گهر ۾ 6 ڦورن داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بنائڻ کان پوءِ ڦر ڪئي جنهن کان پوءِ هو فرار ٿي رهيا هئا ته ان دوران گهر ڀاتين رڙيون شروع ڪري ڏنيون جنهن تي علائقي جي رهواسين ڦورن جو پيڇو ڪيو علائقي جي رهواسين موجب فرار ٿيندڙ ڦورو 17 لک روپين جي رقم کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موقعي تي پهچي ڦورن جي قبضي مان 2 پستول ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن. مارجي ويل ڦورن جي فوري طور تي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي
ڪارروائي دوران نامعلوم شهري طرفان ڪيل فائرنگ سبب 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو. ان دوران 3 ڦورو واقعي واري هنڌان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران شهرين نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ ڪورنگي ۾ 7 ڦورن کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو آهي