کراچی ۾ عيدالاضحيٰ کان اڳ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔ لانڍي جي علائقي اسماعيل ڳوٺ ڀرسان قرباني جو جانور خريد ڪرڻ ويندڙ هڪ شهري کان هٿياربندن 2 لک 80 هزار رپيا ڦر ڪري ورتا۔
متاثر شهري موجب موٽر سائيڪل سوار ٻن جوابدارن کيس روڪي رقم ڦر ڪئي۔ مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن پهرين فائرنگ جي ڪوشش ڪئي، پر گولي نه هلڻ بعد تيز ڌار اوزار سان حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو۔
شهري الزام هنيو ته واقعي بعد لانڍي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، پر اهلڪارن اهو چئي ڪارروائي کان انڪار ڪيو ته واردات سندن حدن ۾ نٿي اچي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي لانڍي ٿاڻي جي حدن جو بورڊ لڳل هو۔
متاثر شهري پوليس جي روَيّي تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو ته حدن جي تڪرار سبب هو انصاف لاءِ دربدر ٿي ويو آهي۔