ڪراچي ۾ قرضين کان تنگ اچي ٻه شاديون ڪندڙ شخص 3 ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

نارٿ ڪراچي جي علائقي سيڪٽر فائيو سي فور ۾ 3 ٻارن جي پيءُ قرضين کان تنگ اچي 3 ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي واقعي جي اطلاع ملندي پاڙيوارا گڏ ٿي ويا جن پنهنجي مدد پاڻ جي تحت باهه کي وسائي ڇيپا ايمبولينس ذريعي فوري طور تي زخمين کي طبي امداد جي لاءِ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو خواجه اجمير نگري پوليس ٻڌايو آهي ته نارٿ ڪراچي سيڪٽر فائيو سي فور جي گهر نمبر ايل 246 ۾ رهندڙ 45 ورهين جي عارف ولد بشير پنهنجي 3 ٻارن کي پاڻ سان گڏ گهر جي ويجهو آڪلينڊ گرائونڊ ۾ وٺي باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب 45 ورهين جو عارف ان جون 2 ڌيئرون 4 ورهين جي ايمان فاطمه ۽ 5 ورهين جي حوريه جڏهن ته 3 ورهين جو پٽ غلام حسين سڙي زخمي ٿي پيا پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته 3 ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏيندڙ عارف فروٽ جو ٺيلهو لڳائيندو هو جنهن 2 شاديون ڪيون هيون. باهه ڏيندڙ عارف جي سس ٻڌايو ته عارف ڪيترن ئي ماڻهن جو قرضي هو، کيس 3 ٻار پهرين زال مان هئا جيڪا فوت ٿي وئي هئي. عارف ۽ 3 ٻار ٻئي زال سان گڏ رهي رهيا هئےعارف جي سوتيلي پٽ امان صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ ذهني طور تي پريشان هو. مهانگائي هجڻ سبب گهر جو گاڏو نه پئي هلي سگهيو جنهن ڪري والد قرضي ٿي ويو هو. جنهن کان پوءِ هُن انتهائي قدم کنيو. ٻڌايو پيو وڃي ته عارف سول اسپتال جڏهن ته سندس 3 ٻار نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ علاج هيٺ آهن.