ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون: پ پ ۽ جماعت اسلامي جون سيٽون برابر ٿي ويون

ڪراچي: پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڪراچي جي ميئر لاءِ ٿيندر مقابلي دلچسپ صورتحال اختيار ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاي ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي پارٽين جون سيٽون برابر ٿي ويون.ڪراچي جي 246 مان 235 سيٽن تي چونڊون ٿيون جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن 215 مڪاني سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي 20 سيٽن جا نتيجا مختلف سببن جي آڌار تي جاري نه ڪيا.پ پ ۽ جماعت اسلامي جي ڪي ايم سي سٽي ڪونسل ۾ 84-84 سيٽون ٿي ويون جڏهن ته پي ٽي آءِ جون 40 سيٽون آهن. مسلم ليگ(ن) 5، جمعيت علماءِ اسلام جي هڪ سيٽ جڏهن ته هڪ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيو. اهڙي طرح پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادين جون گڏيل سيٽون 91 ٿي وينديون.حيدرآباد جي يونين ڪميٽيز جي سيٽن تي اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو ميئر پ پ جو ايندو. پيپلز پارٽي 92 سيتن سان حيدرآباد ۾ سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي وئي. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 160 سيٽون آهن جن مان پي ٽي آءِ 39 سيٽن تي ڪامياب ٿي.اليڪشن ڪميشن موجب تحريڪ لبيڪ ٻن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته 13 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي 37 سيٽن تي پيپلز پارٽي ۽ 3 تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا جڏهن ته ڪنهن ٻئي سيٽ تي ٻين پارٽين جو ڪوبه اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو.ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي سمورين 9 سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا، ٽائون ڪميٽي مڪلي جي 7، ٽائون ڪميٽي گهارو جي 8 ۽ ٽائون ڪاميٽي ميرپورساڪرو جي 3 سيٽن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا.