تفصيل موجب ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) طرفان هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي معائني دوران انڪشاف ٿيو آهي ته هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ايس آءِ يو جي ايس ايس پي شعيب ميمڻ موجب 100 هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي چيڪنگ ڪئي وئي جنهن مان 67 گيسٽ هائوسز ۽ هوٽلون سياحت کاتي وٽ غير رجسٽرڊ هيون. آپريشن دوران هوٽلن مان غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي به پڪڙيو ويو، جن ۾ 4 ايراني ۽ 6 افغاني به شامل آهن، اڪثر هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسن وٽ مهمانن جو رڪارڊ به ناهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز کي فراهم ڪيل هوٽل آءِ سافٽ ويئر ۾ مهمانن جي نامڪمل معلومات به رڪارڊ ڪئي وئي، 50 کان وڌيڪ هوٽلون اهڙيون هيون جيڪي آءِ سافٽ ويئر استعمال نه ڪري رهيون هيون، ڪجهه گيسٽ هائوسز مان منشيات ۽ شراب به هٿ ڪيو ويو. شعيب ميمڻ چيو ته ايئرپورٽ حملي جي جوابدارن جي ايم هوٽل ۾ رهڻ جي انڪشاف کانپوءِ 70 هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.