ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) ـ دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) ۽ وفاقي ڳجهن ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي ڪراچي کي وڏي سانحي کان بچائي ورتو۔ منگهو پير ۽ ڪشمير روڊ تي گڏيل آپريشن دوران فتنه الخوارج ۽ القاعده سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو۔ سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا الله نور ۽ سرفراز شامل آهن، جڏهن ته سليم، جهانگزيب ۽ امدادالله جو تعلق القاعده سان ٻڌايو ويو آهي۔ ترجمان جو چوڻ هو ته دهشتگرد پاڙيسري ملڪ مان عسڪري تربيت يافته هئا ۽ ڪراچي ۾ وڏين دهشتگرد ڪاررواين جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا۔ انهن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن۔
سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن خلاف مقدما داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔