ڪراچي ۾ چور خانگي بئنڪ ٻاهران بيٺل ڪيش وين ڦر ڪري فرار ٿي ويا

سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رات جي اونداهي ۾ چور هڪ خانگي بئنڪ ٻاهران بيٺل ڪيش وين کي ڦري ويا ميڊيا رپورٽن موجب چوري جو واقعو واٽر پمپ چورنگي واري علائقي ۾ بئنڪ ٻاهران پيش آيو، بئنڪ مان رقم ڪيش وين ۾ منتقل ٿي رهي هئي ته اهو واقعو پيش آيو، هٿياربندن گارڊ وٽان نقدي جو ٿيلهو به ڦري ورتو وين جي گارڊ مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار پئسا ڦر ڪري سهراب گوڙ طرف فرار ٿي ويا ۽ گارڊ کي فائرنگ ڪري وين مان لاٿو ۽ وين سميت فرار ٿي ويا، جڏهن ته وين کي ڪجهه دير لاءِ ڇڏيو 63 ڪروڙ 50 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويو، جاچ دوران جوابدار پنهنجي ٽن ساٿين حميد، عطاءُ الرحمان ۽ عرفان بابت انڪشاف ڪيو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ بئنڪ جي ڪيش وين کي ڦر ڪندڙ هڪ ٻيو جوابدار پڻ پڪڙيو ويو جوابدار جي ڀاءُ وٽان 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم به هٿ، کيس ويهاري مان گرفتار ڪيو ويو، پوليس جوابدار جي ڀاءُ وٽان 5 ڪروڙ 31 لک 85 هزار 500 رپيا به هٿ ڪري ورتا، ويهاري وٽان 5 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم هٿ ڪئي وئي. پهرين لاهور ۽ اتان پئسا ڪراچي منتقل ڪيا ويا