ڪراچي : جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پيءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، اي ڊي اين نيوز موجب ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته واقعو ڦر دوران ٿيو، فوتي پيءُ جي سڃاڻپ 70 ورهين جي محمد حسن ۽ پٽ جي 37 ورهين جي نالن سان ٿي. ايس ايس پي ڪورنگي موجب پيءُ پٽ ڪورنگي ۾ ڪتابن جي دڪان تي ڪم ڪري رهيا هئا، پوليس موجب ٽن جوابدارن ڦرلٽ لاءِ آيا ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا. ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڦر دوران 5 ورهين جي ٻارڙي زخمي، جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري کي ڪلهي تي گوليون لڳيون آهن، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، ڇوڪري کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.