ڪرسچن ميريج ايڪٽ تحت سنڌ ۾ پهرين سزا: نوجوان کي ٻئي شادي ڪرڻ تي 9 سال قيد جو حڪم

ڪراچي جي مقامي عدالت مسيحي نوجوان کي ٻئي شادي ڪرڻ تي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جوشوا الياس کي پاڪستان ڪرسچن ميريج ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 9 سال قيد ۽ 25 هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل چيو ته جوابدار جوشوا الياس ڏيڍ سال اڳ اسٽر نالي ناريءَ سان شادي ڪئي هئي. درخواستگذار موجب جوابدار پنهنجي گهر واري کي دبئي اماڻي پٺيان ٻي شادي ڪري ڇڏي. پاڪستان ڪرسچن ميريج ايڪٽ جي تحت ٻئي شادي ڪرڻ ڏوهه آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ مسيحي نوجوان کي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت چيو ته ڏنڊ ادا نه ڪيو ويو ته وڌيڪ 2 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي. عدالت جي سزا ٻڌائڻ تي مدعي جي وڪيل چيو ته پاڪستان ڪرسچن ميريج ايڪٽ جي تحت سنڌ ۾ اها پهرين سزا آهي ياد رهي ته جوابدار جي خلاف سندس پهرين گهر واري اسٽرني محمود آباد ٿاڻي ۾ عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪرايو هو.