ڪرمپور : ايم, پي, اي سنڌ اسيمبلي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي, رئيس غلام شبير چاچڙ کي پڳ جو پهريون ور ڏنو,

مرحوم رئيس الله وڌايو خان چاچڙ جي روح جي ايثال ثواب لاء خيرات جي موقعي تي رسم دستاربندي, سندس فرزند رئيس غلام شبير چاچڙ کي پڳ ٻڌائي وئي
خبر موجب : ڪرمپور لڳ ڳوٺ رئيس الله وڌايو خان چاچڙ رھواسي چاچڙ برادري جي چڱي مڙس مرحوم رئيس الله وڌايو چاچڙ جي روح جي ايصال ثواب لاء خيرات في سبيل الله جي اهتمام جي موقعي تي رسم دستاربندي جي سلسلي ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو خيرات جي ماني کان پوء علائقي جي معززين ايم, پي, اي سنڌ اسيملي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي, مير شاهزين خان بجاراڻي, ڪرمپور ٽائون چيئرمين مير شيراز علي خان بجاراڻي, اصغر علي خان چاچڙ, وڪيل محمد مراد خان چاچڙ, مقدم علي محمد بجاراڻي, رئيس علي بخش ميراڻي, وڪيل رضا مراد چاچڙ, استاد محمد معروف بجاراڻي, رئيس گل حسن منگي, استاد محمد ڪامل ٻپڙ, ثناءُ الله بجاراڻي, رئيس سوايو چاچڙ ۽ چاچڙ برادري سميت مختلف برادرين جي معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري مرحوم رئيس الله وڌايو چاچڙ جي مربي پٽ رئيس غلام شبير چاچڙ کي پڳ جا ور ڏيئي علائقي جي چاچڙ برادري جو رئيس چونڊيو, پروگرام ۾ شريڪ مخلتف برادرين جي معززين ۽ چاچڙ برادري جي ماڻھن غلام شبير چاچڙ کي چاچڙ برادري جو رئيس منتخب ٿيڻ تي ھار پارائي مبارڪون ڏنيون, آخر ۾ دعا خير پڻ گهري وئي.