ڪرمپور جو صحافي جاويد عثمان بجاراڻي روڊ حادثي ۾ زخمي, موٽرسائيڪل حادثي سبب زخمي صحافي ڪرمپور سرڪاري اسپتال منتقل, ڪرمپور اسپتال ۾ عملي ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب صحافي سراپا احتجاج, اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ, اسٽور روم, روڊ جي ڌڪ جي ويڪسين روم کي تالا لڳل, تالن جو چاٻيون ڊي, ايڇ, او جي کاٽو فرد لوور اسپتال ملازم نثار احمد چنه جي حوالي, ايمرجنسي جي صورت ۾ نثار احمد چنه اسپتال عملي کي چاٻيون ڏيڻ کان انڪار ڪندي, موبائيل نمبر بند ڪري لڪي ويو, زخمي صحافي ڪيترائي ڪلاڪ زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ تڙپندو رهيو, متاثر صحافي پاران ڊي, ايڇ, او ڪشمور سان رابطو, ڊي, ايڇ, او ڪشمور, ڪنڌڪوٽ بابو لعل جي مداخلت بعد ٻيو اسپتال عملو اسپتل پهتو, ويڪسين روم جو تالو ٽوڙي زخمي صحافي کي روڊ جي ڌڪ جي ويڪسين ڪرڻ سان گڏوگڏ ملم پٽي ڪئي وئي, هوڏانهن ياد رهي ڪرمپور سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي برعڪس ڪيري وارا ڪک نظر اچي رهيا آهن, ڪرمپور سرڪاري اسپتال علائقي جي مستحق عوام کي ڪو لاڀ نه ڏيئي سگهي, عملي جي اڻهوند سبب ڊي,ايڇ, او ڪشمور جي آشرواد سان لوور ملازم نثار احمد چنه ۽ پرائيويٽ ملازم عمران علي نصيراڻي سرڪاري اسپتال جا ڪرتا ڌرتا بڻيل آهن,ڊي, ايڇ, او ڪشمور, ڪنڌڪوٽ بابو لعل ٻوٽو نه ٻاريو, صحت کاتي جي اعلي ‘ عملدارن ۽ علائقي جي وس وارن پ پ ايم, اين, اي, مير مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ پ پ ايم, پي, اي سردار مير محبوب علي خان بجاراڻي کي ڪرمپور سرڪاري اسپتال ۾ عملي, سهولتن ۽ لوڪل عملي جي قبضاگيري جو نوٽيس وٺڻ گهرجي, آخر ۾ ياد رهي ته ڪنهن به ايمرجنسي حادثي جي صورت شهري ۽ علائقي پنهنجي زندگي پچائڻ چاهين ته ڪرمپور سرڪاري اسپتال جو رخ نه ڪن