ڪرمپور جي ڳوٺ محمد يعقوب خان بجاراڻي واسي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان عبيدالله سميجو جي گهر ۾ ڪهرام متل, مغوي جي وارثن مردن توڙي عورتن قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي وس وارن کان نوجوان جي بازيابي ۾ مدد جي اپيل ڪئي, ڪرمپور ۽ غوثپور پوليس حد بندي تڪرار سبب نوجوان جواغوا ڪيس نه ورتو, وارثن جو احتجاج
خبر موجب : ڪرمپور لڳ ڳوٺ محمد يعقوب خان بجاراڻي واسي نوجوان عبيد الله سميجو کي اغوا ٿئي 5 چار ڏينهن گذري ويا, نوجوان جي اغوا جي تصديق بعد اغوا ڪار ٽولي پاران وارثن سان فون تي روز رابطو ڪري مغوي نوجوان عبيدالله سميجو جي رهائي جي عيوض 20 لک ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي, مغوي جي وارثن پيءُ محمد اسماعيل سميجو, ماءُ مسمات گل خاتون سميجو ۽ ٻين وارثن هٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ٻچڙي کي اغوا ٿئي 5 ڏينهن گذري ويا آهن, ڪرمپور ۽ غوثپور پوليس حد بندي تڪرار سبب ڪيس داخل نه ٿي ڪري, اغوا ڪار ٽولو روز فون ڪري نوجوان جي رهائي جي عيوض 20 لک ڀنگ گهري رهيا آهي, مغوي جي پيءُ چيو ته غريب پورهيت آهيان, بوٽ پالش ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو, ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيان, هنن ايس, ايس, پي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي قرآن پاڪ جا واسطا ڏيندي چيو ته اسان جي نوجوان جي اغوا واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو