ڪرمپور : شھر ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ پير بخش سجراع واسي زمين کي پاڻي ڏيندڙ 3 ڄڻن الطاف جعفري

ڪرمپور : شھر ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ پير بخش سجراع واسي زمين کي پاڻي ڏيندڙ 3 ڄڻن الطاف جعفري ھزار خان جعفري عابد جعفري کي نامعلوم ھٿيار بندن زوري کنڀي ورتو۔ مزاحمت ۽ دانھون ڪرڻ تي ڏوھارين ھڪ ڄڻي عابدجعفري کي رستي ۾ ھٿيار بندن ڇڏي 2 ڄڻن الطاف جعفري ۽ ھزار خان جعفري کي اغوار ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا ۔ اھڙي واقعي بعد مغوين جي وارثن ۽ جعفري اتحاد جي ڪيترن ئي ماڻھن پاران پير بخش شجراع لاڙي وٽ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آھي۔ ڌرڻي سبب سنڌ کان پنجاب ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آھي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون آھن جڏھن ته اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ھٿيار بندن جي پيري پويان رواني ٿي وئي۔ آخري اطلاعن موجب ھٿياربند فرار ٿي ويا آھن ۽ ڌرڻو جاري آھي