ڪرمپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي ڳوٺ شڪاري خان جعفري رهواسي جعفري برادري جي ڳوٺاڻن مردن, عورتن ۽ ٻارن قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي سمت ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج

ڪرمپور لڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي ڳوٺ شڪاري خان جعفري رهواسي جعفري برادري جي ڳوٺاڻن مردن, عورتن ۽ ٻارن قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي محمد بخش جعفري, مريد جعفري ۽ ٻين ناپرڪوٽ سمت ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پوليس بلاجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري, اسان جي گهرن مان ان, اٽو, هنڌ بسترا, روڪ رقم ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي گهرن کي ڊاهي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو, هنن چيو ته اسان جا گهر مين روڊ انڊس هاء وي کان اڌ ڪلو ميٽر مفاصلي تي آهن, اسين غريب شريف ڳوٺاڻا آهيون, پوليس بلاوجه اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي, ڳوٺاڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان ڪرمپور لاڙي واري علائقي کان اسان جي مارڪيٽ مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن جي اغوا واقعي ۾ ملوث اصل ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء اسان جي 3 بيگناهه ماڻهن غلام رسول جعفري, علي گل جعفري, ڏاڏي آدم جعفري کي بيگناه بغير ڪنهن ڪيس جي گرفتار ڪري لڪائي ڇڏيو آهي, اسان کي خوف آهي ته شڪارپور ناپرڪوٽ پوليس اسان جي ماڻهن کي نقصان نه پهچائي, هنن چيو ته اسان جي مارڪيٽ مان اغوا ٿيل ماڻهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ بجاء اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري اسان جي گهرن مان ضروري سامان کڻڻ, گهر ساڙي اسان کي ٻارن سميت کليل آسمان ويهارڻ ڪٿان جو انصاف آهي, جعفري برادري جي ڳوٺاڻن آخر ۾ آء, جي سنڌ, ڊي, آء, جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪندي تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪئي آهي