ڪرمپور : ٿاڻي جي حد منڌاڻي چوڪي لڳ ڇھ مھينا اڳ پوليس ھٿان بيدردي سان شھيد ٿيل نوجوان غلام حسين جعفري جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل ايس ايڇ او غلام شبير ڀيو سان شھيد جي وارثن ڪلام پاڪ سميت سيد ۽ علائقي جي معززين جي ميڙ کي مان ڏيندي نبيرو ڪري ڇڏيو جڏھن ته نبيرو علائقي جي چڱي مڙس مير اقبال خان بجاراڻي ۽ ٻين معززين جي سر پئنچي ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ مجموعي طور ڏوھ جو اعتراف ڪندڙ ايس ايڇ او مٿان ستيتاليھ لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو جنھن مان وارثن کي ٻھ لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا باقي رھيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ شھيد جي وارثن گل حسن جعفري محمد امين جعفري محمد عظيم جعفري محمد جمن جعفري سميت ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسان علائقي جي معززين ۽ رب پاڪ جي ڪلام پاڪ تي ملوث ايس ايڇ او سان نبيرو ڪيو آھي جنھن ٻڌايو ته مون کي پوليس اھلڪارن وڏو منشي ڪي بي ڏاھاڻي سميت ٻين غلط خبر ڏني ته ھن رستي سان ڏوھاري اچن پيا جنھن ڪري اسان اڻڄاڻائي ۾ فائرنگ ڪئي جنھن عمل جو ڏاڍو پچتاء آھي ۽ اسان ھٿان ھڪ بيقصور شھري شھيد ٿي ويو وارثن وڌيڪ چيو ته اسان فلحال ھڪ ماڻھو سان خير ڪيو آھي باقي اصل قاتل کي ڪڏھن بھ معاف نه ڪنداسين ۽ اسان کي عدالت سڳوري مان به اميد آھي ته ھو اسان سان انصاف ڪندي