ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن جي ڪاه مري بس مٿان فائرنگ, مسافر بس کي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي موبائلون, روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد ٻن ڄڻن ڊرائيور ۽ ڪلينر کي مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا,

تفصيل موجب ڪرمپور ۽ ڀرپاسي ۾ امن نه ٿي سگهيو ڪرمپور لڳ ڪرمپور, ڏياڻي مگسي لنڪ روڊ تي شبيرآباد ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير مهراڻ خان بجاراڻي موڙ وٽ ھٿياربندن ڪاه ڪري ٺل کان ڪرمپور طرف ويندڙ مسافر بس کي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي موبائل فونون روڪ رقم,۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد ڊرائيور سردار خان ڪنراني ۽ ڪلينر الطاف پنهور کي هٿيارن جي زور تي مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا, ھوڏانهن واقعي جي اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڏوهارين جا پيرا کڻائي رواني ٿي وئي ٻئي طرف اغوا سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آھي, هوڏانهن آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو,