ڪرمپور ڪرمپور لاڙي تي ڪارنهن تڪرار تان چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو, لٺيون ڪهاڙيون سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ڄڻا زخمي خبر موجب : ڪرمپور لڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪرم پور لاڙي جي هوٽل تي ويٺل ھٿياربندن جو ميرحسن چاچڙ جي ڌر تي عبدالڪريم چاچڙ جي ڌر حملو ڪري لٺيون ۽ ڪھاڙيون سوٽا ھڻي مير حسن چاچڙ, قابل چاچڙ عمران. شبير. بابر . نيڪ محمد. علي بخش جبار چاچڙ سميت اٺن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو, مجموعي طور ٻنهي ڌرين جا 10 ماڻهو زخمي آهن, زخمين کي علاج لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻي طرف ڪابہ گرفتاري عمل نہ اچي سگھي آهي نہ ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي