ڪرمپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جو آزار رڪجي نه سگهيو, ڏياڻي مگسي لنڪ روڊ تي هر آئي ڏينهن ڏوهارين جون ڪهري ڪاروايون جاري,

ڪرمپور ڀرسان جمال, شبير آباد ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪ وٽ ضلعي ڪشمور, جي مختلف ٿاڻن جي ڀاري پوليس نفري پاران ايس, ايڇ, او ڪرمپور جي اڳواڻي ۾ نندواڻي برادري سميت مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ گهربل ڏوهارين خلاف پوليس ڪاروائي, پوليس ڪاروائي دوران پوليس ۽ ڏوھارين ۾ جديد هٿيارن سان شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ڏوهارين جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار مخدوم نثار علي زخمي زخمي اهلڪار کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ طبي امداد لاءِ پھچايو ويو, هوڏانهن پوليس کي ڪاروائي ۾ ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي, پوليس اهلڪار زخمي ڪرائي هٿين خالي موٽي آئي