ڪرم مسئلي تي علي امين اسان کي مشڪل جڳهه تي بيهاري ڇڏيو، انهي کي صرف اقتدار گهرجي: ناصر عباس جي تنقيد

 مجلس وحدت المسلمين(ايم ڊبليو ايم) جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس ڪي پي ڪي جي وڏي وزير تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪرم جي مسئلي تي علي امين گنڊاپور اسان کي مشڪل جڳهه تي بيهاري ڇڏيو انهي کي صرف اقتدار گهرجي. محمود خان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علامه راجا ناصر عباس چيو ته ڪرم جو مسئلو هڪ هفتي ۾ حل ٿيڻ وارو هو،  جيڪڏهن هڪ سٺو ڊي پي او يا آفيسر هجي ها ته ايتريون قيمتي حياتيون ضايع نه ٿين ها. هن چيو ته اقتدار ۾ رهڻ جي سڀني کي حوس آهي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي قدم سان مايوسي پکڙجي وئي، انهي کي احساس نه آهي ته اهڙن قدمن سان آزادي ۽ انصاف جي جدوجهد کي ڪيترو نقصان پهچي رهيو آهي. علامه راجه ناصر عباس چيو ته پاڪستان آئين تي نه هلڻ سبب بحران جو شڪار ٿي چڪو آهي. پاڪستاني آئين جي حساب سان عدليه جي طاقت ختم ڪئي وئي آهي، اسان جي اسلاف جي ٺاهيل آئين کي تباهه ڪيو ويو آهي، ايڊهاڪ بنيادن تي پاڪستان کي هلايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته  پاڪستان جي عدليه کي انتظاميه جي اثر هيٺ ڪيو ويو آهي، هنن حڪمرانن جو هر گذرندڙ ڏينهن بحرانن جو سبب بڻجي رهيو آهي، نالائقن کي زبردستي مڙهي پاڪستان کي هٿ سان تباهه ڪيو ويو آهي.