ڪرڪ ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پوليس اختيارين موجب ڪرڪ جي علائقي مير ڪلام بانڊه ۾ سيڪيورٽي فورسز گڏيل آپريشن ڪيو آپريشن صبح سوير دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سي ٽي ڊي ۽ پوليس جو ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. دهشتگردن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪرڪ پوليس موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ في الحال نه ٿي سگهي آهي.