ڪسٽم وارا پاڻ پئسا وٺي گاڏيون اسمگل ڪرائيندا آهن، بعد ۾ پاڻ ئي پڪڙيندا آهن: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪسٽم وارا پهريان پاڻ پئسا وٺي گاڏيون اسمگل ڪرائيندا ۽ بعد ۾ پاڻ ئي پڪڙيندا آهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ خيبرپختونخواهه ڪسٽم اختيارين طرفان اسمگلنگ ٿيل ٽرڪ پڪڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران چيف جسٽس ڪسٽم جي وڪيل کي ڇنڊ پٽي چيف جسٽس چيو ته اوهان عدالت ۾ نه دليل ڏئي رهيا آهيو نه ئي وري قانوني ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. ڪسٽم اختيارين جي علم ۾ اچڻ کان سواءِ پشاور بارڊر تان 400 ڪلو ميٽر اندر گاڏي پڪڙي وئي. ڪسٽم اختياريون پهرين پاڻ پئسا وٺي گاڏيون اسمگل ڪرائينديون آهن بعد ۾ پاڻ ئي پڪڙائينديون آهن چيف جسٽس چيو ته ڪسٽم اختيارين جي خلاف انڪوائري ڇو نه ڪئي وڃي. ٽرڪ 1996 ۾ ٺاهيو ويو ۽ 2016 ۾ پڪڙيو ويو، 22 سالن تائين ڪٿي هلندو رهيو. اسمگلنگ ڪٿان کان ٿي آهي، هي ٽرڪ ماچس جي ڊٻي ته ناهي؟ ڪنهن رستي تان آيو، ڪسٽم اختيارين کي خبر ئي نه آهي. پشاور ۾ وڃي ڏسو ڪيئن گاڏيون اسمگلنگ ٿينديون آهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ڇو نه ڪسٽم جي ڪليڪٽر کي گهرائي وٺون. پاڪستان ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي. ڪسٽم اختيارين غير ضروري ڪيس داخل ڪيو. معاملو سپريم ڪورٽ پهتو، جڏهن ته عدالتن جو وقت به ضايع ڪيو ويو. اهڙن غير ضروري ڪيسن سبب عدالتن ۾ اصل ڪيس نٿا ٻڌي سگهجن. آئنده ڪسٽم اختياريون اهڙا غير ضروري ڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته گايون اسمگلنگ ٿينديون آهن ته مڪمل ٽيمپرنگ ڪئي ويندي آهي پر ٽرڪ جو چيسز نمبر ٽيمپر ئي نه ٿيو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪسٽم جي اپيل رد ڪري ڇڏي.