ڪشمور : اغوا انڊسٽري بڻجي وئي، وڌيڪ 2 ڊرائيور اغوا ٿي ويا.

ڪشمور : اغوا انڊسٽري بڻجي وئي، وڌيڪ 2 ڊرائيور اغوا ٿي ويا.گڊو ٿاڻي جي حد پوليس جي گاڏين تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ سٽي سان ڀريل ڊمپر جا ٽائر ڦاٽي پيا.نامعلوم هٿياربندن ٻن ڊمپر ڊرائيورن حنيف ملڪ ۽ وحيد بخش کي اغوا ڪري فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. پوليسپوليس جي نااهلي سبب اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن ٿي رهيا آهن، وارثايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.گذريل رات اغوا ڪيل 2 ڊمپر ڊرائيورن جي بازيابي لاءِ احتجاج
انڊس هاءِ وي تي ساٿي ڊرائيورن پاران ٽريفڪ معطل ٿي وئي.روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون، مسافر پريشان، گذريل رات چورن شاهراهه تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڊرائيور زخمي ٿي پيا ۽ ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا.ڌاڙيلن ڊمپر تي فائرنگ ڪري ٽائر ساڙي ڇڏيا.اسان ڊرائيور غير محفوظ آهيون، ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون نوٽيس وٺن، جوابدارن کي گرفتار ڪري جلد بازياب ڪرايو وڃي، احتجاج.احتجاج ڪندڙن چيو ته جيستائين يرغمالي بازياب نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو