ڪشمور : بجلي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع.

ڪشمور : ۾ واپڊا سيپڪو ايڪسين عبدالحق ڏاھاڻي واپڊا ايس ڊي او غلام ياسين کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪنڊا مافيا ۽ بقاياجات جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڊائريڪٽ ڪنڊا لاھي لائن ڪٽيا ويا ايڪسين عبدالحق ڏاھاڻي ڪشمور ايس ڊي او غلام ياسين کوسو پنھنجي ٽيم سان گڏجي ڊيرا موڙ فيڊر سومرا مارڪيٽ ڪشمور موبائيل کوسا مارڪيٽ شيخ محله ۽ گذريل رات دير سان شاھي بازار ۾ ڪنڊا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ڊائريڪٽ ڪنڊا ڪٽي مختلف ماڻهن تي ايف آئي آر داخل ڪيا ويا آهن ڪشمور ايس ڊي او غلام ياسين کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي مٿان کان حڪم مليو آهي ته جيڪي به ڪشمور ۾ ڊائريڪٽ لائن لڳل آهن انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪيو ويندو ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو