ڪنڌڪوٽ :ڪشمور جون ٻه شاگردياڻيون اوباش ڇوڪرن کان پريشان ڪلوڙ محلا جي رھواسين ٻن شاگردياڻين پنهنجي پيءُ سان گڏجي اوباش ڇوڪرن کان تنگ ٿي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي برادريءَ جا اوباش ڇوڪرا اسان کي اسڪول اچڻ وڃڻ ۾ تنگ ڪن ٿا. متاثر شاگرد دعا ڪلوڙ ٻئي اوباش ڀائر بار بار اسان کي پنهنجو نمبر ۽ موبائيل فون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. دعا ڪلوڙ ٻئي ڇوڪرا جڏھن اسان گهر کان نڪرندا آھيون اسان جي پٺيان لڳندا آهن متاثر ڇوڪري اقصيٰ ڪلوڙ اهڙن ڇوڪرن جي ڪري اسان ٻنهي ڀينرن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. اقصي ڪلوڙ هنن ٻن ڀائرن اسان ٻن ڀينرن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي هنن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته توهان ٻنهي ڀينرن جون وڊيوز ٺاهي وائرل ڪنداسين متاثر شاگرد اقصي ڪلوڙ جڏهن مان ڇوڪرن جي شڪايت کڻي سندن والد وٽ پهتس ته هنن مون تي تشدد ڪيو. متاثر شاگردن جو والد اقبال ڪلوڙ اسان اعليٰ اختيارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. متاثر خاندان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي اپيل