ڪشمور جو رھواسي نائيچ پٺاڻن جي ھٿان مارجي ويو پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو پوليس چار پٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو

تفصيل موجب نئون ديرو شگر مل گيٽ وٽ وزيرستاني پٺاڻن ھٿان ڪشمور واسي سنڌي نوجوان محمد لقمان نائيچ نوجوان قتل ٿي ويو شگرمل تي ڪمند کڻي آيل محمد لقمان نائچ ۽ پٺاڻن وچ ۾ ڪراسنگ واري مامري تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ ڪشمور ضلعي جي ڳوٺ دين محمد جو رهواسي ٽرڪ ڊرائيور محمد لقمان نائچ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنھن کي نئون ديرواسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو پوليس پٺاڻ ٽرڪ ڊرائيور سميت چئن پٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي