ڪشمور جي سولنگي محلي جي رهواسي شيخ جي 10 سالن جي ڇوڪري سان سومرو برادري جي نوجوان جي زيادتي اسپتال منتقل اسان ميڊيڪل رپورٽ لاءِ اسپتال آيا آهيون پر

تفصيل موجب ڪشمور جي سولنگي محلي ۾ 10 سالن جي معصوم ٻارڙي حميران شيخ سان مبينا زيادتي جي ڪوشش رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو معصوم ٻارڙي گهر پهچي وارثن سان زيادتي جي ڳالھ ڪئي سندس امڙ ٿاڻي وڃي اين سي داخل ڪرائي ليٽر وٺي اسپتال آئي جتي ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ويٺي رهي پر ڊاڪٽرياڻي اسپتال نه پهتي ان موقعي تي زيادتي جي شڪار ٿيل معصوم نينگري حميران شيخ ۽ سندس امڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي معصوم ڌيءَ پڪوڙن جي دڪان تي ويهي جتي جوابدار ساجد سومرو زوري منهنجي ڌيءَ سان زبردستي زيادتي ڪئي وئي آهي زيادتي جي شڪار معصوم ٻارڙي چيو ته پڪوڙن جي دڪان تي ويس سموسا وٺڻ لاءِ جتي ساجد سومرو مون سان زيادتي ڪئي آهي سندس امڙ چيو چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون ڪيترائي ڪلاڪ ٿي ويا آهن پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي موجود ناهي اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪيون ته واقعي جو نوٽيس وٺي فوري طور جوابدار گرفتار سخت کان سخت سزا ڏني وڃي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي پر جوابدار کي ڪشمور پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي