ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو هڪ عورت قتل ٽي ڄڻان سخت زخمي ٿي پيا. ڪشمور جي ڪچي واري علائقي گيهلپور ٿاڻي جي حد ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن طرفان هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني آهي، ڪيترائي ڪلاڪ هڪٻئي مٿان فائرنگ جي ڏي وٽ بعد گوليون سبب عورت نطيران شر موقعي تي ئي قتل ٿي وئي، جڏهن ته رئيس شر دلو شر ۽ خالد شر سخت زخمي ٿي پيا. جنهن بعد زخمين کي طبي امداد لاءِ ۽ مقتولا عورت جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقه اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي دلو شر جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان هڪٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري رهڻ سبب سمورو ڪيتري ئي دير تائين علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو ۽ علائقي واسي گهرن تائين محدود بڻجي ويا.