ڪشمور ضلعي اندر ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ڊي ايس پي هيڊ ڪواٽر سيد اصغر علي شاه ,سيد بشير احمد شاه , سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ ، ڪشمور آرٽ ڪانونسل ۽ باشعور شهرين پاران مني اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ علمي ، ادبي ،ثقافتي ميلو ، راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش جي افتتاحي تقريب ۽ ميلي جو آغاز ڪيو ويو . ميلي جي شروعات پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي ڪئي وئي تنهن کان بعد تقریب ۾ آيل مهمانن ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي کي پوليس ۽ اسٽوڊنٽ اسڪائوٽس پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو۔ تقريب ۾ ضلعي جي وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ، ضلعي سان واسطو رکندڙ اينجيوز ، ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور , پاران اسٽال پڻ لڳايا ويا تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ حمد و نعت ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي ان موقعي تي آرگنائيزر ڪميٽي جي ميمبر خطاب ڪندي چيو ته هن فيسٽيول ۾ آرٽ ڪانونسل جي تقريب سگهڙن جون ڪچهريون ادبي ڪانفرنس ،ميوزڪ پروگرام ، مشاعرو ، ڊراما ، راڳ رنگ جون محفلون، ڪراٽي ۽ جم جا پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا تقريب کي آجياڻو پيش ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته اهڙا پروگرام ڪرائڻ تي اسان ضلعي انتظاميه آرگنائزر ڪميٽي جي ميمبرن کي جس پيش ڪيو ٿا هن فيسٽيول ۾ ٻئي ڏينهن سيڪيورٽي ادارن جي شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي سيڪورٽي حوالي سان عوام بي خوف رهي ۽ هن فيسٽيول مان ڀرپور لطف وٺي فيسٽيول جو ٻيو ڏينهن عورتن لاء مخصوص ڪيو ويو آهي ۔ تقريب ۾ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن ، صحافين شهرين ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.