ڪشمور :ضلعي جي تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ڳوٺ نصير خان ڀيو جي مين پرائمري اسڪول ۾ گذريل ڪيترن ئي

ڪشمور ضلعي جي تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ڳوٺ نصير خان ڀيو جي مين پرائمري اسڪول ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان فرنيچر نه هجڻ ۽ اسڪول زبون حالي جو شڪار هجڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جو سعرش خاتون. دلبر ڀيو۔ آمنه ڀيو ۽ ٻين پاران احتجاج ڪري مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي معصوم شاگردن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول زبون حالي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن سبب اسين ڪلاسن کان ٻاهر تعليم پرايون پيا ۽ ايتري عرصي کان اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪتاب ۽ فرنيچر به تعليم کاتي جي عملدارن ناهي ڏئي سگهيا نه ئي اسانجي اسڪول ۾ پاڻي پيئڻ جي سهولت آهي جنهن سبب اسان کي سخت تڪليفن کي منهن ڏئڻو ٿو پوي جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي آهي وڌيڪ شاگردن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ توڙي اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي ڳوٺ نصير خان ڀيو جي اسڪول جي واهر ڪري اسڪول جو مرمتي ڪم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون مھيا ڪري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي۔ ٻئي پاسي اسڪول جي استاد عبدالرحيم ڀيو ميڊيا کي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي بالا آفيسرن کي فرنيچر سميت ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ جون تعليم کاتي جي ٽي او کي چيو آهي جلد اسڪول ۾ فرنيچر ۽ اسڪول جي مرمتي ڪم سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون ڏيڻ جي تعليم کاتي جي عملدارن پاران خاطري ڪرائي ويئي آهي پر عمل م ٿي سگهيو آهي