ڪشمور : ضلعي جي مختلف شهرن مان مبينا طور اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ سڀا پارٽي جي اڳواڻن جو عبدالخالق اوڳاهي

ڪشمور : ضلعي جي مختلف شهرن مان مبينا طور اغوا ٿي ويل مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ سڀا پارٽي جي اڳواڻن جو عبدالخالق اوڳاهي. انعام سنڌي. نصيب الله کوسو. خان محمد کوسو. صديق ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ساڻ ڪري شھر جي مئن نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جي مختلف شهرن مان اغوا ٿي ويل مغوين جي وارثن جي گھرن ۾ ڪهرام متل آهي پر ڪشمور ضلعي جي پوليس هن وقت تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به اپاءَ ناهي وٺي سگهي جنهن سبب سمورن مغوين جي گهرن ۾ ڪھرام متل آهي وڌيڪ مظاهرين آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين سخت احتجاج ڪيو ويندو۔